SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


پهريون حملو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


پهريون حملو

First Strike

فرسٽ اسٽرائيڪ

جنگي حڪمت عمليءَ سان لاڳاپيل هڪ اصطلاح ، جنهن جو مقصد دشمن تي اوچتو ۽ پهريائين حملو ڪري سندس طاقت کي ناس ڪرڻ هوندو آهي. اِن حڪمت عمليءَ جي ڪري حملو ڪندڙ ڌر کي فوجي ۽ نفسياتي برتري حاصل ٿي ويندي آهي. پهرين حملي ڪرڻ جو نتيجو حملو ڪندڙ جي وت ۽ ارادي تي مدار رکندو آهي. جيڪڏهن هڪ ڌر وٽ فوجي ۽ ٽيڪنيڪي اعتبار کان اُچا هٿيار موجود آهن ۽ ان جا حڪومتي ۽ فوجي اڳواڻ هر قسم جو جوکو کڻڻ لاءِ تيار آهن، ته اها ڌر پهريائين حملو ڪري وڏا مقصد ماڻي وٺندي آهي. جديد د‍ؤر ۾ هيءُ اصطلاح ڪنهن به ڌر طرفان ٻيءَ ڌُر کي ڪن مخصوص هٿيارن (مثال طور ائٽمي ۽ جيوڙن وارا هٿيار) جي استعمال کان باز رکڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. 1950ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا جي ڪيترن سياسي ڇيد ڪارن جو خيال هو ته آمريڪا کي چين جي ائٽمي تحقيقي مرڪزن تي اڳواٽ حملو ڪري کيس ائٽم بم ٺاهڻ کان پري رکڻ کپي. ساڳئي قسم جي حڪمت عملي اسرائيل طرفان عراق خلاف استعمال ڪئي وئي. جڏهن ته هندوستان پاران پاڪستان جي حوالي سان به اهڙي نيتي اختيار ڪرڻ جو چؤٻول هو


.


پهريون حملو لفظ جو عام استعمال


Remember Me Also:

فاروقي

ذ. صفت. فاروق وارو ، فاروق جو. حضرت عمر بن خطاب رضي الله عنه جو اولاد. قبيلي جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal